ناليوارواداڪار اطهر شاهه جيدي لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي: مشهور اداڪار اطهر شاهه خان جيدي ڊگهو بيمار رهڻ کان پوءِ ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.سندس عمر77 سال هئي.ٽي وي، ٿيٽر، ڊرامن ۽ فلمن ۾ يادگار ڪردار نڀائيندڙ مشهور اداڪار اطهر خان جيدي ڊگهو بيمار رهڻ کان پوءِ ڪراچي ۾ فوت ٿي ويو.هن ڪيترن ئي ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا پر جيدي جي ڪردار کيس شهرت جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو. اطهر شاهه خان ليکڪ ۽ شاعر به هو. پهرين جنوري 1943ع ۾ برطانوي هندستان جي رياست رام پور ۾ پيدا ٿيو. اطهر شاهه خان ٽيليوزن ۽ اسٽيج تي پنهنجي ڪم جي شروعات ڪئي هو پنهنجي تخليق ڪيل مزاحيه ڪردار(جيدي) سان سڃاتو ويندو هو.مزاحيه شاعري ۾ به(جيدي) تخلص لکندو هو. هن پاڪستان ٽيليويزن جي پيش ڪيل مزاحيه مشاعرن جي سلسلي(ڪشت زعفران) تان مزاحيه شاعري ۾ شهرت حاصل ڪئي. سندس وارثن موجب هو ڪيتري ئي وقت کان بيمار هو سندس جنازي جي نماز اڄ ڪراچي ۾ ادا ڪئي ويندي. مرحوم پوئينرن ۾ بيوه ۽ چار پٽ ڇڏيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔