ميان چنون ۾ مسافر وين ندي ۾ ڪري پئي، 9 ڄڻا ٻڏي فوت

ميان چنون: پنجاب جي علائقي ميان چنون ۾ مسافر وين ندي ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا فوت ٿي ويا.ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته وين ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 12 ڄڻا سوار هئا. خانيوال ويجهو ميلسي لنڪ ڪينال لڳ تيز رفتار مسافر وين ندي ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا ٻڏي ويا. ريسڪيو ذريعن جو چوڻ اهي ته ندي ۾ ڪريل وين ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 12 ڄڻا سوار هئا، جن مان 9 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا آهن.ريسڪيو ذريعن موجب، ٻڏي ويل ٽن جا لاش هٿ اچي نه سگهيا، جن جي ڳولا جاري آهي. ريسڪيو ذريعن موجب، پنج ڄڻن جا لاش ميان چنون ۽ 4 جا لاش ليا موڪليا ويا آهن. جڏهن ته باقي 3 ڄڻن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔