اسلام آباد انتظاميا جي لاڪ ڊائون ۾ 31 مئي تائين واڌ جي منظوري

اسلام آباد: اسلام آباد ضلعي انتظاميا لاڪ ڊائون ۾ 31 مئي تائين واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، پهرين مرحلي ۾ اڏاوتي سيڪٽر کوليو ويندو، ايس او پيز تحت ننڍيون مارڪيٽس کولڻ جي اجازت هوندي. اسلام آباد ضلعي انتظاميا لاڪ ڊائون ۾ 31 مئي تائين واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، پهرين مرحلي ۾ اڏاوتي سيڪٽر کوليو ويندو، جنهن کانپوءِ اسٽيل، پلاسٽڪ، پائيپ، اليڪٽريڪل انڊسٽري کي کوليو ويندو. نوٽيفڪيشن موجب، سينٽري ورڪس، هارڊ ويئر جا دڪان کليل رهندا، ايس او پيز سان گڏ ننڍيون مارڪيٽس کولڻ جي اجازت هوندي. نوٽيفڪيشن موجب، پارڪس پولو ڪلب، ٽينسٽ ڪورٽ ايس او پيز تحت کولڻ جي اجازت هوندي، بيڪريز،ا ٽي جون چڪيون، کير جا دڪان به کليل رهندا. نوٽيفڪيشن موجب، اسلام آباد ۾ سموريون وڏيون مارڪيٽون بند رهنديون، تعليمي ادارا ۽ شاپنگ مالز به بند رهندا. نوٽيفڪيشن موجب، وڏا ريسٽورنٽس، هوٽلز، هيئر سيلون به بند رهندا، ٽائيگر فورس ۽ ٻين رضاڪارن کي ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ جي اجازت هوندي. نوٽيفڪيشن موجب، پنڪچر شاپس24 ڪلاڪ کليل رهندا، دڪان هفتي ۾ پنج ڏينهن کولڻ جي اجازت هوندي، دڪان صبح 9 کان شام پنجين وڳي تائين کولي سگهبا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔