ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ هڪ ڄڻو فوت، 98 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد:پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 639 ۽ مريضن جو انگ 29465 ٿي ويو آهي.رپورٽ موجب  پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو جنهن کان پوءِ فوتين جو گڏيل انگ 639 جڏهن ته نوان ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ گڏيل مريضن جو انگ 29465 ٿي ويو آهي.هينئر تائين سڀني کان وڌيڪ فوتگيون خيبرپختونخواهه مان سامهون آيون آهن جتي ڪورونا سبب 234 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته پنجاب ۾ 192 ۽ سنڌ ۾ 180 فوت ٿي چڪا آهن. ان کان علاوه بلوچستان ۾ 24، اسلام آباد 5 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 ڄڻا موذي وائرس سبب فوت ٿي چڪا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔