آءِ ايم ايف جي شرطن تي هلنداسين ته پرڏيهي امداد ملندي، توهان کي صبر ڪرڻو پوندو: ناڻي جي نگران وفاقي وزير شمشاد اختر

آءِ ايم ايف جي شرطن تي هلنداسين ته پرڏيهي امداد ملندي، سموري صلاحيت مسئلا حل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪنداسين، پوءِ به توهان کي صبر ڪرڻو پوندو

ناڻي جي نگران وفاقي وزير جي سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ، شمشاد اختر چيو آهي ته حڪومت جا خرچ مُشڪل سان پورا ٿي رهيا آهن، مارڪيٽ مان 23 سيڪڙو تي قرض وٺڻو پئجي رهيو آهي، آمدني جو 70 سيڪڙو قرض ڀرڻ ۾ لڳي رهيو آهي

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران شمشاد اختر چيو ته بجلي جي شعبي ۾ گهڻي عرصي کان رعايتون ڏنيون ويون، اهي پاليسيز اسان ته نه ٺاهيون آهن، ڏهاڪن کان جاري پاليسين کي هڪ ڏينهن ۾ تبديل نٿو ڪري سگهجي، حڪومت نيڪ نيتي سان عوام جي بهتري لاءِ ڪم ڪندي

عوام کي بجلي جي بلز ۾ ڪيئن ۽ ڪيترو رليف ڏنو وڃي؟ آءِ ايم ايف نگران حڪومت کان لکت ۾ پلان گهري ورتو، ناڻي جي نگران وفاقي وزير شمشاد اختر پاران آءِ ايم ايف جي نمائنده ايسٽر پيريز آڏو بلز ۾ رليف بابت تجويزون پيش، آءِ ايم ايف سوال پُڇيو ته ڇا بجلي بلز ۾ رليف ڏيڻ سان ٽئڪس گهٽجي ويندو؟ جيڪو ٽئڪس گهٽجي ويندو، اُن لاءِ ڪنهن ٻي مد ۾ رقم ڪڍي ويندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔