ايمان مزاري کي اسلام آباد کان ٻاهر کڻي وڃڻ ۽ تازن ڪيسن ۾ گرفتار نه ڪرڻ جي حڪم ۾ واڌ

اسلام آباد:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايڊووڪيٽ ايمان مزاري کي اسلام آباد کان ٻاهر کڻي وڃڻ کان روڪڻ جي حڪم ۾ سومر تائين واڌ ڪري ڇڏي.

ايمان مزاري جي ڪيسن جي تفصيلن جي فراهمي ۽ حفاظتي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب جي آڏو ٿي جنهن ۾ گهرو وزارت جون اختياريون عدالت جي سامهون پيش ٿيون.

جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته ڪهڙي ڳالهه ڪري رهيا آهيو؟ اسان صرف ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي لاءِ چيو آهي.

اسسٽنٽ اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته آرڊر دير سان مليو آهي. ڪجهه وقت ڏنو وڃي. جنهن تي وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته اسان کي امڪان آهي ته اڊيالا جيل جي ٻاهران ٻيهر گرفتار ڪري سگهجي ٿو.

عدالت اسسٽنٽ اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته گهرو وزارت کي ڪهڙيون هدايتون مليون آهن؟ جيل ۾ آهي اوهان جاچ ڪريو، چالان جمع ڪرايو، ٽرائيل ڪريون، گهرو سيڪريٽري کي ٻڌايو ته ايمان مزاري جي ڪيس ۾ عدالت جو ڪهڙو آرڊر ڪهڙو آهي؟

جنهن کان پوءِ عدالت ايڊووڪيٽ ايمان مزاري کي اسلام آباد کان ٻاهر کڻي وڃڻ کان روڪڻ جي حڪم ۾ سومر تائين واڌ ڪندي گهرو سيڪريٽري، آءِ جي ۽ ايف آءِ اي کي حڪم ڏنو ته ايمان مزاري کي اسلام آباد کان ٻاهر نه موڪليو وڃي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب 20 آگسٽ کان پوءِ جي ڪنهن به واقعي ۾ ايمان مزاري کي گرفتار نه ڪرڻ جي حڪم ۾ به واڌ ڪري ڇڏي.

عدالت حڪم ڏنو ته گهرو سيڪريٽري سومر تائين ايمان مزار يجي خلاف صوبن مان  ڪيسن جا تفصيل کڻي عدالت کي آگاهه ڪري. جنهن کان پوءِ ڪيس جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔