پنجاب اليڪشن ريويو ڪيس، سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي درخواست خارج ڪري ڇڏي

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ واري فيصلي تي نظرثاني واري اليڪشن ڪميشن جي درخواست خارج ڪري ڇڏي آهي

سپريم ڪورٽ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن وٽ چونڊون ڪرائڻ جو رڳو اختيار نه آهي، اها آئيني ذميواري آهي، جتي به آئيني ڀڃڪڙي ٿيندي عدالت مداخلت ڪندي

 چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ جڙيل 3 رڪني بينچ فيصلو ٻڌايو، ٻڌڻي شروع ٿيڻ تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل عدالت کان وڌيڪ تياريءَ لاءِ هڪ  هفتي جي مهلت گهري هئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔