عوام کي بجلي جي بلن تي ريليف ڪيئن ڏنو وڃي؟ پاڪستان پلان آءِ ايم ايف سان شيئر ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: پاڪستان مهانگي بجلي جي حوالي سان ملڪي صارفين کي ريليف ڏيڻ لاءِ آءِ ايم ايف سان هڪ پلان شيئر ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان سان گڏ ئي اهو يقين ڏياريو ويو آهي ته عالمي اداري جي مقرر ڪيل حدفن جي ڀڃڪڙي نه ٿيندي.

نگران ناڻي واري وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو آهي ته هن سڌو سنئون آءِ ايم ايف اختيارين سان ڳالهيون نه ڪيون آهن. پاڪستان طرفان هڪ ٽيم عالمي اداري جي اختيارين سان ڳالهيون ڪيون آهن. اسان آءِ ايم ايف پروگرام کي جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهيون

ناڻي واري وزارت جي ذريعن ٻڌايو آهي ته 2023-24ع جي بجيٽ ۾ هنگامي بنيادن تي 250 ارب روپيه رکيا ويا هئا ۽ اها رقم بجلي صارفين کي ريليف ڏيڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿي. موجوده ريليف پيڪج تي آءِ ايم ايف کي قائل ڪرڻ ۾ ڪجهه وقت لڳي سگهي ٿو ۽ اهو ريليف پيڪيج 400 يونٽس تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين تائين محدود ٿي سگهي ٿو. ڳرا بلز به اماڻيا ويندا. جڏهن ته بجيٽ ۾ مقرر ڪيل هنگامي رقم محفوظ صارفين(پروٽيڪٽڊ ڪنزيومرز) کي ريليف ڏيڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿي.

هڪ اعليٰ سرڪاري عهدار نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته اها رقم آءِ ايم ايف جي اجازت سان صرف 400 يونٽ استعمال صارفين لاءِ استعمال ڪئي ويندي. هن چيو ته بجلي جي سبسڊي، گردشي قرض ۾ جمع ٿيڻ جي مقرر حدف سان گڏ جي ڊي پي جي 0.4 سيڪڙو  جي بنيادي سرپلس سبب آءِ ايم ايف سان ٿيل حدفن جي ڀڃڪڙي نه ڪئي ويندي.

هن اعتراف ڪيو ته لکت ۾ آءِ ايم ايف سان اه منصوبو شيئر نه ڪيو آهي جنهن سبب معاشي ماهرن موجب بجلي جي صارفين لاءِ گڏيل ريليف پيڪيج ۾ وڌيڪ دير ٿي سگهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔