سکر: شهيد جان محمد مهر جي قتل ۾ سهولتڪاري جي الزام هيٺ نامزد 3 جوابدار اي ٽي سي عدالت ۾ پيش

سکر: شهيد جان محمد مهر جي قتل ۾ سهولتڪاري جي الزام ۾ نامزد 6 جوابدارن مان 3 کي اڄ دهشتگردي ٽوڙ عدالت(اي ٽي سي) ۾ سخت سيڪيورٽي هيٺ پيش ڪيو ويو.

جوابدارن ۾ بخش علي، بابر ۽ منور مهر کي جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ بعد دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. اي ٽي سي عدالت جوابدارن کي 6 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. آءِ جي سنڌ جي حڪم تي ڪيس جي جاچ انسپيڪٽر کان منتقل ڪري ڊي ايس پي حوالي ڪئي وئي آهي

دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج عبدالرحمان قاضي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي  ٻڌڻي دوران  عدالت طرفان پوليس کان پڇاڻو ڪيو ويو ته قتل ڪيس ۾ نامزد ٻيا جوابدار اڃان تائين گرفتار نه ڇو ڪيا ويا آهن.  جنهن تي پوليس طرفان ٻڌايو ويو ته ڪيس ۾ نامزد جوابدارن ڪچي واري علائقي ۾  پناهه وٺي ڇڏي آهي.  نامزد ٻين جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪيو ويندو.

اي ٽي سي عدالت قتل ڪيس ۾ نامزد ٻين جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو جنهن کان پوءِ عدالت گرفتار ٽن جوابدارن کي 6 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب گرفتار جوابدارن کان جاچ دوران ڪيس ۾ نامزد جوابدارن سان رابطن جي تصديق ٿي آهي. جاچ دوران جوابدارن اعتراف ڪيو ته قتل ۾ ملوث جوابدار ڪچي واري علائقي ۾ موجود آهن.

ياد رهي ته سکر پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر ۽ سکر يونين آف جرنلسٽس جي سينيئر صحافي ۽ اينڪرپرسن جان محمد مهر جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن. شهيد جان محمد مهر کي 13 آگسٽ تي آفيس مان گهر موٽندي شهيد ڪيو ويو هو.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔