پنجاب جي 34 لک ايڪڙ ريگستاني زمين آباد ڪرڻ لاءِ چناب ۽ ستلج تي 5 نوان ڊيم۽ بئراج اڏڻ جو فيصلو

سکر : پاڻي ۽ بجلي واري وزارت چولستان جي بنجر ريگستان کي آباد ڪرڻ لاءِ ستلج ندي تي  2 بئراج ۽ چناب ندي تي 3 ڊيم اڏڻ، نيئن ٺهندڙ ڀاشا ڊيم مان ايندڙ پاڻيءَ لاءِ چولستان ۾ الڳ ڪمانڊ ايريا  مختص ڪرڻ بابت  تجويزون ڏئي ڇڏيون

ان ڏس ۾ پاڻي ۽ بجليءَ جي وزارت پاران چئني صوبن جي آبپاشي کاتن کي 24 آگسٽ تي “ڪمانڊ ايريا ڊولپمينٽ ديا مير ڀاشا ڊيم” جي سري هيٺ موڪيل پرزنٽيشن ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب ۾ ستلج ندي تي ٻه نوان بيراج بهاولنگر ۽ حاصل پور بئراج  وٽ اڏيا ويندا، جن جي ڪمانڊ ايريا 34 لک ايڪڙ هوندي.  بهاول نگر بئراج  مان 21 لک 32 هزار ۽ حاصل پور بئراج مان 13 لک 33 هزار ايڪڙ زمين آباد ٿيندي، بهاول نگر بئراج لاءِ 0.36 ۽ حاصل پور بئراج لاءِ 0.90 ايم اي ايف پاڻي مختص ڪيو ويندو

انهي رٿا کي 195 ڪلو ميٽر ڊگهي چنيوٽ _حاصل پور لنڪ ڪئنال وسيلي چناب مان 15000 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو ويندو، ٻنهي نون بئراجن ۽ هڪ لنڪ ڪينال جي اڏاوت تي 15 ملين ڊالر خرچ ايندو، پرزنٽيشن ۾ اهو ناهي ڄاڻايو ويو ته پنجاب صوبي جي انهن پاڻي رٿائن لاءِ پئسا ڪٿان ايندا؟

پرزنٽيشن  ۾ انهن اسڪيمن جو جواز اهو ڏنو ويو آهي ته پاڻي معاهدي تحت تربيلا ۽ منگلا ڊيمن جي ڪمانڊ ايريا 40 ملين ايڪڙ مقرر ڪئي وئي هئي، جنهن کي وڌائي 45 ملين ايڪڙ ٿيڻو هو،. ٻنهي ڊيمن جي صلاحيت 1.6 ايم اي ايف يعني 11 سيڪڙو گهٽجي 15 مان 13.4 ايم اي ايف رهجي وئي آهي،  انهي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ پنجاب ۾ 3 ڊيم ۽ 2 بئراج تجويز ڪيا ويا آهن، جن ۾ 1.26 ايم اي ايف پاڻي جمع ٿي سگهندو

اهي ڊيم چنيوٽ ۽ سرگوڌا  وچ ۾ اڏيا ويندا. پاڻي ۽ بجلي واري وزارت پرزنٽيشن ۾ وڌيڪ چيو آهي ته نئون ٺهندڙ ديا مير ڀاشا ڊيم رڳو 6 ملين ايڪڙ فوٽ واري پراڻي کوٽ پوري ڪري سگهندو، پرزنٽيشن  ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته چولستان ۾ 60 لک ايڪڙ زمين ستلج جي کاٻي پاسي هندستان جي بارڊر تائين موجود آهي، جنهن کي چولستان ڪمانڊ ايريا ڊولپمينٽ رٿا هيٺ آباد ڪري سگهجي ٿو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔