راڻيپور: فاطمه قتل ڪيس جو مُک جوابدار سيد اسد شاهه چئن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي

راڻيپور: راڻيپور ۾ 10 ورهين جي معصوم نينگري فاطمه ڦرڙو جي قتل ڪيس جي مُک جوابدار  سيد اسد شاھ کي پوليس جي سخت سيڪيورٽي ۾ راڻيپور جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آھي.

عدالت جوابدار کي 4 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. پوليس جوابدار اسد شاهه کي منهن تي چادر چاڙهي عدالت ۾ پيش ڪيو

راڻيپور واقعي جي مُک جوابدار عدالت سڳوري ۾ بيان ڏيندي ٻڌايو ته فاطمه ڦريو اسانجي مريد آھي مون کيس قتل نه ڪيو آهي.  نينگري جي طبيعت خراب ٿي ته سندس نجي اسپتال ۾ علاج ڪرايو رات جو اوچتو سندس طبيعت خراب ٿيڻ بعد ٻارڙي دم ڏئي ڇڏيو. اسان ڪنهن ڳالهه ۾ ملوث هجون ها ته وارثن کي سي سي ٽي وي فوٽيجز ڇو ڏيون ها. جنهن کان پوءِ عدالت جوابدار کي 4 ڏينھن لاء جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

ٻئي پاسي ٻارڙي جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽر چيو ته نينگري مون وٽ آئي هئي کيس الٽيون ۽ دست هئا. سندس جسم مان پاڻي تمام گهڻو گهٽجي ويو هو ٻارڙي کي دوائون ڏنيون پر پوءِ به سندس طبيعت ۾ سڌارو نه اچي سگهيو.

هوڏانهن خيرپور جي عدالت نينگري فاطمه جي پوسٽ مارٽم لاء قبر ڪشائي جي اجازت ڏئي ڇڏي  آهي. ان حوالي سان ايس ايس پي خيرپور مير روحل خان کوسو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته بنا پوسٽ مارٽم جي نينگري کي سندن وارثن دفن ڪري ڇڏيو ھو جنھن لاء اسان سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ ھڪ درخواست داخل ڪئي آهي جنھن بعد عدالت فوت ٿيڻ جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاء قبر ڪشائي جي اجازت ڏئي ڇڏي آھي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔