جڙانوالا ۾ مسيحي آبادي تي حملن ۽ باهيون ڏيڻ ۾ ملوث 100 کان وڌيڪ جوابدار گرفتار، قلم 144 لاڳو

فيصل آباد: پنجاب جي ضلعي فيصل آباد جي شهر جڙانوالا ۾ پيش ايندڙ واقعن ۾ ملوث هجڻ جي الزام هيٺ 100 کان وڌيڪ جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

مسيحي آبادي تي حملن ۽ ڀڃ ڊاهه ڪري باهيون ڏيڻ وارن واقعن کي نظر ۾ رکندي سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ۽ سرڪار جي ڪم ۾ مداخلت جهڙن قلمن تحت ڪيس داخل ڪري 100 کان وڌيڪ جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پنجاب حڪومت ان واقعي جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي جاچ ڪميٽي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هي واقعو پاڪستان ۾ امن جي فضا خراب ڪرڻ جي منظم سازش هئي، جنهن ۾ ملوث ماڻهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو.

پنجاب حڪومت جي ترجمان موجب قرآن پاڪ جي بي حرمتي کي بنياد بڻائي اقليتن جي آبادين تي حملا ڪيا ويا  جنهن کان پوءِ پوليس 100 کان وڌيڪ جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. سوچيل سمجهيل سازش جي تحت امن خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. قرآن پاڪ جي مبينه بي حرمتي جي جاچ جاري آهي. ڪمشنر، آر پي او، ڊپٽي ڪمشنر ۽ سي پي او فيصل آباد نفري سان گڏ موقعي تي موجود آهي.

ٻئي طرف پنجاب حڪومت جڙانوالا واقعي جي اعليٰ سطحي جاچ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جڏهن ته واقعي کان پوءِ ضلعي انتظاميه فيصل آباد ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. تعلقه جڙانوالا ۾ اڄ عام موڪل جو به اعلان ڪيو ويو آهي. ڊپٽي ڪمشنر موجب سمورا تعليمي ادارا ۽ آفيسون اڄ بند رهنديون.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔