نگران ڪابينه جي جوڙجڪ جو پهريون مرحلو مڪمل، حلف برداري اڄ ٿيندي

اسلام آباد: نگران وزيراعظم جي ڪابينه جي جوڙجڪ جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ حلف برداري جي تقريب اڄ ٿيندي.

ذريعن موجب ڪابينه جي جوڙجڪ جي لاءِ پهريون مرحلو مڪمل ٿي ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ نگران ڪابينه اڄ شام 5 وڳي ايوان صدر ۾ حلف کڻندي.

ٻئي طرف نگران ڪابينه جي لاءِ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي مشاورت اڃان تائين جاري آهي جنهن ۾ هو وڌيڪ نالن تي مشاورت ڪري رهيو آهي. نگران وزيراعظم سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، ڄام ڪمال ۽ ٻين دوستن سان اهم مشاورت ڪري رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔