گجر ۽ اورنگي نالن جي متاثرن جي بحالي وارو ڪيس: سنڌ جو وڏو وزير سپريم ڪورٽ ۾ پيش

ڪراچي: سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ گجر ۽ اورنگي نالن جي متاثرن جي بحالي ۽ توهين عدالت بابت ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري سنڌ، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ ڪمشنر ڪراچي عدالت آڏو پيش ٿيا.

ٻڌڻي دوران عدالت حڪم ڏنو ته هڪ مهيني دوران سمورن متاثرين کي چيڪ ڏنا وڃن ۽ شروعاتي رپورٽ 15 ڏينهن ۾ عدالت جي آڏو پيش ڪئي وڃي. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته عدالت جي اڪائونٽ ۾ 462 ارب روپين کان وڌيڪ رقم جمع آهي جيڪا سنڌ جي عوام جي آهي. جيڪڏهن سپريم ڪورٽ جي اڪائونٽ ۾ جمع رقم سنڌ حڪومت واپس وٺڻ چاهي ٿي ته عدالت ۾ درخواست داخل ڪري

ٻڌڻي دوران عدالت ايڊووڪيٽ جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته متاثرن جي بحالي ۽ متبادل رهائش بابت ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن؟ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ طرفان عدالت آڏو گجر ۽ اونگر نالن جي متاثرن بحالي بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته 2 ارب روپيه متاثرن کي ڏنا ويا آهن. متاثرن لاءِ ملير ۾ اڍائي سئو ايڪڙ زمين رکي وئي آهي. عدالتي حڪمن تي عمل ڪرڻ لاءِ اڃان ٽن مهينن جو وقت آهي. عدالت پيش ڪيل رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي چيو ته جيڪو عدالت حڪم ڏنو آهي ان بابت رپورٽ ۾ ڪي به تفصيل موجود نه آهن. وڏي وزير مراد علي شاهه ماهوار رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي عدالت کان معذرت ڪري ورتي.

متاثرن جي وڪيل  فيصل صديقي ٻڌڻي دوران چيو ته سپريم ڪورٽ واضح حڪم ڏنو هو ته سنڌ حڪومت متاثرن جي بحالي لاءِ فنڊز جو پاڻ انتظام ڪري.  جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي هڪ مهيني جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔