پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ تي پاڻمرادو نوٽيس لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل

اسلام آباد: پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ تي پاڻمرادو نوٽيس جي لاءِ سپريم ڪورٽ جي هيومن سيل ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ درخواست مقامي وڪيل ايڊووڪيٽ مدثر چوڌري داخل ڪئي. درخواست جي متن ۾ چيو ويو آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي. مهانگائي سبب غريب آپگهات ڪري رهيا آهن. قانون جيئڻ جو هر شهري کي حق ڏئي ٿو.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته چيف جسٽس پاڪستان ان معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس وٺي. قوم جون چيف جسٽس پاڪستان سان جڙيل آهن.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن نگران حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏو اضافو ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 17 روپيه 50 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي جنهن کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 290 روپيه 45 پئسا ٿي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔