معاهدو ختم ٿيڻ ۾ 3 ڏينهن رهجي ويا، وزيراعظم جو آءِ ايم ايف جي ايم ڊي سان چوٿون رابطو

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف ۽ آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر وچ ۾ ٽيليفون رابطو ٿيو آهي.

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ معاهدو ختم ٿيڻ ۾ 3 ڏينهن رهجي ويا آهن اڄ صبح وزيراعظم شهباز شريف ڪجهه ڏينهن دوران آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سان چوٿون ڀيرو رابطو ڪيو آهي

وزيراعظم شهباز شريف ۽ آءِ ايم ايف جي ايم ڊي وچ ۾ رابطو اڄ صبح جو ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم معاشي صورتحال جي بهتري جي حدفن جون گڏيل ڪوششون حاصل ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو.

وزيراعظم آءِ ايم ايف جي ايم ڊي سان ڳالهيون ڪندي چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام جي نڪتن تي اسان جي اڳڀرائي هڪ  ٻن ڏينهن ۾ آءِ ايم ايف جي فيصلي جي شڪل اختيار ڪري ويندي. ان موقعي تي آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر وزيراعظم شهباز شريف جي ارادن جي تعريف ڪندي چيوته پاڪستان جي معاشي صورتحال جي بهتري چاهيون ٿا.

ياد رهي ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جو معاهدو 30 جون تي ختم ٿي رهيو آهي. پاڪستان آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدي جي لاءِ پراميد آهي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔