بلوچستان ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جو حملو، 4 اهلڪار شهيد

بلوچستان ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن ، هڪ حملو ڪندڙ به مارجي ويو

شروعاتي اطلاعن موجب شيراني ضلعي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا

پوليس موجب جوابي فائرنگ ۾ هڪ حملو ڪندڙ به مارجي ويو جڏهن ته واقعي بعد علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي

وزيراعليٰ بلوچستان پاران واقعي جي مذمت ڪندي 4 اهلڪارن جي شهيد ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔