ڪراچي اوچتو کير 20 رپيا مهانگو: نئون اگهه 230 رپيا ليٽر ٿي ويو

ڪراچي: ڊيري فارم مافيا ڪراچي ۾ کير جي قيمت ۾ 20 رپين جي غيرقانوني واڌ ڪري ڇڏي، شهر ۾ کير 230 رپيا في ليٽر وڪامڻ لڳو.
شهري انتظاميا ۽ سنڌ حڪومت کير جي سرڪاري قيمت 180 رپيا تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي.
کير جي سرڪاري ۽ غيرقانوني قيمت جو فرق وڌي 50 رپيا في ليٽر تائين پهچي ويو آهي، ڊيري مالڪ هڪ ليٽر کير تي 50 رپين جو غيرقانوني منافعو ڪمائي رهيا آهن.
ٻئي پاسي ڪراچي جي انتظامي عملدارن کير جي قيمت ۾ واڌ کان اڻڄاڻائي ڏيکاري ڇڏي، مھانگائي ماريل شھرين پاران کير جي اگھن ۾ واڌ کي رد ڪيو ويو آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔