جنهن جج تي اعتراض ڪيو ويو ان جي اهليت تي ڪنهن کي به شڪ نه آهي،چيف جسٽس

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو آهي ته ڇا وزيراعظم کان پڇون ته ڪنهن جي رشتيداري جي بنياد تي اعتراض ڇو ڪيو ويو؟ جسٽس منصور علي شاهه ڏاڍو حساس آهي

چيف جسٽس جو چوڻ هو ته جسٽس منصور اهو انسان نه آهي جو سندس رشتيداري فيصلي تي اثر انداز ٿئي، سپريم ڪورٽ کي داغدار نه ڪيو، تضحيڪ نه ڪيو

چيف جسٽس عمر عطا بنديال اٽارني جنرل سان ڳالهائيندي سوال ڪيو ته جسٽس منصور تي اعتراض جانبداري جي بنياد تي ٿا واريو يا مفادن جي ٽڪراءَ جي بنياد تي؟ اٽارني جنرل چيو ته وفاقي حڪومت جسٽس منصور تي مفادن جي ٽڪراءَ جي بنياد تي اعتراض واريو آهي

 چيف جسٽس چيو ته هي ججز تي اعتراض وارڻ واري سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، بنيادي حقن جي معاملي کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي، پارليامينٽ ۾ اسان کي لائيڪ مائينڊڊ ججز جي نالي سان سڏيو ويو، حڪومت ڪرڻ ڇا ٿي چاهي؟

اسان ته چونڊن واري ڪيس ۾ توهين عدالت جي ڪارروائي کان پاسو ڪيو، هاڻي اسان سمجهون ٿا ته وقت هڪ وک پوئتي هٽڻ جو آهي، حق ۽ سچ جي اخلاقي ذميواري هن عدالت جي آهي

 چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته جنهن جج تي اعتراض ڪيو ويو ان جي اهليت تي ڪنهن کي به شڪ نه آهي، اليڪشن واري ڪيس ۾ 90 ڏينهن تي ڪنهن اعتراض نه ڪيو، بس بينچ تي اعتراض ڪيو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔