وقتي صدر صادق سنجراڻي فنانس بل 24-2023 جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: وقتي صدر صادق سنجراڻي فنانس بل 21-2023 تي صحيح ڪري ڇڏي آهي.

تفصيل موجب وقتي صدر صادق سنجراڻي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ فنانس بل 24-2023 تي صحيح ڪري ڇڏيون آهن. صادق سنجراڻي جي صحيح سان بجيٽ جي منظوري جو عمل مڪمل ٿي ويو

ياد رهي ته گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي فنانس بل جي منظوري ڏني هئي جنهن کان پوءِ ان کي صحيح جي لاءِ صدر ڏانهن اماڻيو ويو هو.

گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ فنانس بل ۾ وڌيڪ ترميمن تحت 215 ارب روپين جا نوان ٽيڪس لاڳو ڪيا ويا آهن جنهن کان پوءِ ايندڙ مالي سال 24-2023 جي 14 هزار 480 ارب روپين جي وفاقي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔