ڪراچي: بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مرڪز ۾ بدنظمي، 16 عورتون زخمي

ڪراچي: ڪراچي ۾ ڪي پي ٽي گرائونڊ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مرڪز ۾ بدنظمي سبب اتي موجود 16 عورتون زخمي ۽ بيهوش ٿي ويون.

زخمي عورتن کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي ايمبولينسون روانيون ڪيون ويون آهن جنهن جي ذريعي زخمي عورتن کي اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي. ريسڪيو ذريعن موجب هڪ زخمي عورت جي حلت ڳڻتي جوڳي آهي.

ٻئي طرف علائقي جي پوليس موجب ڪي پي ٽي اسڪول ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو ڪيمپ لڳل هو جنهن جي ٻاهران عورتن ۽ ٻارڙن جو وڏو انگ موجود هو.

پوليس موجب اسڪول جو گيٽ کوليو ته اندر وڃڻ لاءِ عورتون ڀڄ ڊوڙ ڪئي جنهن سبب واقعو پيش آيو. هڪ متاثر عورت ٻڌايو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي تحت اسان کي پئسا ڏيڻ جي لاءِ گهرايو ويو هو.

ٻئي طرف ايس پي بلديه مغير هاشمي چيو آهي ته سول اسپتال ۾ 20 عورتون پهتيون هيون جن مان 16 عورتون زخمي ۽ بيهوش ٿي پيون هيون. ايس پي بلديه موجب اسڪول ۾ جڳهه  گهٽ هجڻ سبب وقفي وقفي سان ماڻهن کي اماڻيو پئي ويو. گيٽ کوليو ته بدنظمي ٿي وئي گيٽ تي ماڻهن جو وڏو انگ موجود هو.  گرمي سبب ڪيتريون ئي عورتون بيهوش ٿي ويون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔