برطانيا جي مشهور ميوزڪ ميلي ۾ ماڻهن کي اڏامندڙ سروس وسيلي پيزا ملندو 

لنڊن: برطانيا جي مشهور ميوزڪ ميلي ۾ بکين ماڻهن جي بک ختم ڪرڻ لاءِ هاڻ اڏامندڙ لباس (جيٽ پيڪ) وارا ڪارڪن پيزا فراهم ڪري رهيا آهن

ان جو سبب اهو آهي ته ماڻهن جو تمام وڏو انگ کليل ميدان تي گاهه تي ويهي ميوزڪ ٻڌندو آهي ۽ رش مان نڪري کائڻ پيئڻ ۾ پريشاني ٿيندي آهي

ڊومينو پيزا جي ڪارڪنن فيسٽيول کان اڳ ئي ان جي مشق ڪئي هئي ۽ هاڻ هو 20 جون کان شروع ٿيل ميلي ۾ پيزا پهچائي رهيا آهن. اهو منظر ڏسي ماڻهو حيرت ۽ خوشي جو اظهار ڪندا آهن

ڊومينو جي ترجمان سيم ولسن جو چوڻ آهي ته ميلي ۾ هر هنڌان آرڊر ملندا آهن ۽ پنڌ وڃي هر ماڻهو تائين کاڌو پهچائڻ ممڪن نه آهي ان ڪري اسان جديد جيٽ پيڪ کي آزمايو، اسان جا رڪيٽ مين ماڻهن جي تنبوئن تائين پهچي کاڌو فراهم ڪندا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔