جناح هائوس حملو: خديجه شاهه سميت 13 عورتن جو جوڊيشل ريمانڊ منظور

لاهور: دهشتگردي جي انت واري عدالت جناح هائوس حملي ۾ ملوث خديجه شاهه سميت 13 عورتن جو 14 ڏينهن جو جوڊيشل ريمانڊ منظور ڪندي جيل اماڻي ڇڏيو.

جناح هائوس حملي ۾ ملوث 13 عورتن جو 5 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ مڪمل ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. جاچ آفيسر ٻڌايو ته سمورين 13 عورتن جي سڃاڻپ پريڊ ۾ سڃاڻپ ٿي چڪي آهي. ٻڌڻي دوران عدالت پوليس جي وڌيڪ جسماني ريمانڊ جي استدعا رد ڪري ڇڏي.

ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته خديجه شاهه، صنم جاويد کان جسماني ريمانڊ دوران ڏنڊو هٿ ڪيو ويو آهي. صنم جاويد سميت ٻين عورتن پيٽرول بم جو به استعمال ڪيو. عورتن کان پيٽرول بم هٿ ڪرائڻ ضروري آهي.

سرڪاري وڪيل استدعا ڪئي ته عدالت گرفتار عورتن جو وڌيڪ جسماني ريمانڊ ڏيڻ جو حڪم ڏئي جنهن تي جج پڇاڻو ڪيو ته اوهان اڳ جسماني ريمانڊ ۾ پيٽرول بم جو نه لکيو هو. اڄ اوهان لکي کڻي آيا آهيو.

جنهن کان پوءِ اي ٽي سي عدالت خديجه شاهه سميت ٻين عورت جوابدارن کي 14 ڏينهن جي لاءِ جوڊيشل ريمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔