آمدني کان وڌيڪ اثاثا: فرح خان ۽ سندس مڙس نيب ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو

اسلام آباد: آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ فرح خان ۽ سندس مڙس احسن گجر نيب ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي جنهن ۾ نيب جي آفيسرن کي سزا ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.

فرح خان جي وڪيل موقف اختيار ڪيو آهي ته نيب ريفرنس داخل ڪرڻ کان اڳ پريس ريليز ۽ ميڊيا کي ڪوڙيون ۽ بي بنياد خبرون ڏئي نيب قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي ان ڪري نيب آفيسرن کي سزا ڏني وڃي.

وڪيل موجب نيب کي پرائيويٽ بزنس جي معاملي ۾ جاچ ڪرڻ جو ڪوبه اختيار نه آهي. فرح خان ۽ سندس مڙس احسن جميل گجر جو پنهنجو ڪاروبار آهي. نيب طرفان جاچ پنهنجن اختيارن کان مٿانهين آهي. جن بينڪ اڪائونٽس کي بنياد بنائي جاچ شروع ڪئي وئي آهي اها  اڳ ئي ظاهر ڪيل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔