سنڌ حڪومت پاران يوريا ۽ ڊي اي پي ڀاڻ تي هارين کي 60 هزار روپيه سبسڊي ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ ۾ گذريل سال برساتن سبب ٻوڏ متاثر هارين جي لاءِ هڪ ٻيو اهم فيصلو ڪيو ويو آهي. زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاران ٽئين مرحلي ۾ يوريا ۽ ڊي اي پي ڀاڻ تي في هاري کي 60 هزار روپيه سبسڊي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

هڪ ايڪڙ کان ساڍا 12 ايڪڙ تائين زمين رکندڙ 2 لک 34 هزار 313 هارين کي ڀاڻ جي مد ۾ سبسڊي ڏني ويندي. يوريا، ڊي اي پي ڀاڻ تي سبسڊي جي رقم في هاري کي 60 هزار روپيه ڏني ويندي.

منظور وساڻ وڌيڪ چيو ته رجسٽرڊ هارين کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي تحت 14.059 بلين روپيه ڏنا ويندا.  ٻئين مرحلي جي هارين کي ٻج جي مد ۾ في ايڪڙ 5 هزار سبسڊي جي رقم ڏيڻ جو سلسلو به جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔