ملڪي معيشت کي 2017 واري پوزيشن تي واپس آڻڻو آهي: اسحاق ڊار

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ملڪي معيشت کي 2017 واري پوزيشن تي واپس آڻڻو آهي، 2017 ۾ پاڪستان دنيا جي 24 هين معيشت هو، گذريل ڪجهه سالن دوران ملڪي معيشت 47 هين نمبر تي هلي وئي، هلندڙ مالي سال چئلينجن ڀريو رهيو

ناڻي واري وزير هلندڙ مالي سال جي اقصادي سروي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي

اسحاق ڊار چيو ته وياج ۽ قرضن جي ادائيگي جو خرچ 7 هزار ارب تائين پهچي چڪو آهي، روينيو اوڳاڙيءَ جو وڏو حصو وياج جي ادائيگي تي خرچ ٿي رهيو آهي، ملڪ کي جلد معاشي ترقيءَ جي دڳ تي وجهڻ چاهيون ٿا

هن چيو ته حڪومت پاڪستان جي معيشت کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهي آهي، ماضي جي غلط فيصلن سان معيشت کي نقصان پهتو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔