ڪراچي جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ جو شيڊول جاري

اليڪشن ڪميشن ڪراچي جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو

نوٽيفڪيشن موجب اميدوار 9 ۽ 10 جون تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي سگهندا، 11 جون تي ڪاغذن جي جاچ پڙتال ڪئي ويندي

نوٽيفڪيشن موجب ڪاغذ رد ٿيڻ جي صورت ۾ 12 جون تي اپيل داخل ٿي سگھندي، 14 جون تي اميدوارن جي لسٽ لڳائي ويندي

ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ۾ 15 جون تي چونڊيل نمائندا ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ لاءِ ووٽ ڪاسٽ ڪندا، 16 جون تي ريٽرننگ آفيسر پاران رزلٽ جو اعلان ڪيو ويندو

پيپلزپارٽي پاران مرتضيٰ وهاب کي ڪراچي جو ميئر ۽ سلمان مراد کي ڊپٽي ميئر نامزد ڪيو ويو آهي، جماعت اسلامي پاران حافظ نعيم الرحمان کي ميئر نامزد ڪيو ويو آهي، ميئر جي چونڊ لاءِ اصل دنگل مرتضيٰ وهاب ۽ حافظ نعيم وچ ۾ ٿيندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔