اوگرا واهپيدارن لاءِ گيس جي قيمتن ۾ 45 کان 50 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي

سڄي ملڪ ۾ آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) واهپيدارن لاءِ گئس جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اوگرا سوئي سدرن ۽ سوئي ناردرن جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن موجب سوئي ناردرن لاءِ گيس جي قيمت ۾ 50 سيڪڙو ۽ سوئي سدرن لاءِ گئس جي قيمت ۾ 45 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي

سوئي ناردرن لاءِ گيس جي سراسري قيمت ۾ 415 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو ۽ سوئي سدرن لاءِ گيس جي اوسط قيمت ۾ 417 رپيا 23 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو جي واڌ جي منظوري ڏني وئي

سوئي ناردرن تي گيس جي سراسري قيمت 1238 رپيا 68 پيسا ايم ايم بي ٽي يو ۽ سوئي سدرن تي گيس جي اوسط قيمت 1350 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.

گيس جي اگهن ۾ واڌ جو اطلاق پهرين جولاءِ 2023ع کان ٿيندو ۽ گئس جي اگهن ۾ واڌ جو حتمي فيصلو وفاقي حڪومت ڪندي

قانون موجب قيمتن ۾ واڌ بابت حتمي فيصلو 45 ڏينهن اندر ٿيڻو پوندو

ذريعن موجب جيڪڏهن وفاقي حڪومت ڪو به فيصلو نه ڪيو ته 45 ڏينهن کانپوءِ فيصلو پاڻمرادو لاڳو ٿي ويندو، قيمتون نه وڌائڻ جي صورت ۾ وفاقي حڪومت کي سبسڊي ڏيڻي پوندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔