چوڌري پرويز الاهي عدالت کان بري ٿيندي ئي ڪرپشن جي ٻئي ڪيس ۾ گرفتار

لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر چوڌري پرويز الاهي کي عدالت کان بري ٿيندي ئي ڪرپشن جي ٻئي ڪيس ۾ گرفتارڪيو ويو .

پرويز الاهي کي گوجرانوالا ۾ داخل ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو .

پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي کي اينٽي ڪرپشن پنجاب جي هيڊ ڪوارٽر  مان گرفتار ڪيو ويو . خيال رهي ته چوڌري پرويز الاهي کي گذريل ڏينهن لاهور کان ڪرپشن جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو ، ۽ اڄ کيس اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو هو جتي عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ پرويز الاهي کي ڪرپشن جي هڪ ڪيس ۾ بري ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا هئا .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔