هي حڪومت اسان جي ناهي پي ڊي ايم جي آهي: ڪيپٽن (ر) صفدر

لاهور: مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ڪيپٽن (ر) صفدر چيو آهي ته هي اسان جي نه پر پي ٽي ايم جي حڪومت آهي.
لاهور جي ضلعي ڪچهري ۾ ڳالهائيندي ڪيپٽن (ر) صفدر چيو ته الميو اهو آهي ته مان 6 سالن کان ڪيس کي منهن ڏئي رهيو آهيان، هڪ سال کان نيب عدالت ۾ پيش ٿي رهيا آهيون، ڪوڙا ڪيس ٺاهڻ جو سلسلو هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي، مان پڻ بغاوت جي ڪيس کي منهن ڏئي رهيو آهيان.
هن چيو ته مون کي هر ڀيري سوال ايندو آهي ته ميان صاحب ڪڏهن ايندو، هي حڪومت اسان جي ناهي، پ پ جي حڪومت آهي، نواز شريف انصاف تي يقين رکي ٿو.
9 مئي سانحي بابت هڪ سوال جي جواب ۾ ڪيپٽن (ر) صفدر چيو ته ڀارت جيڪو نه ڪري سگهيو، اهو عمران خان پنهنجي ايجنٽن ذريعي ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔