آمريڪا ۾ مالدار شخص ڪجهه گهڙين ۾ 25 لک ڊالر ورهائي ڇڏيا

بوسٽن: آمريڪا جي يونيورسٽي ميساچيوسيٽس ۾ شاگردن کي انعام ڏيڻ واري تقريب دوران رابرٽ هيل ڪامياب شاگردن لاءِ انعام جو اعلان ڪري خلق کي حيران ڪري ڇڏيو، گرينائٽ ٽيلي ڪميونيڪيشن ۽ 5 ارب ڊالرن جي ملڪيت جي مالڪ اوچتو ڊائيس تي اچي ڪامياب ٿيل هر هڪ شاگرد لاءِ هڪ هزار ڊالر انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو ، رابرٽ هيل ڪامياب ٿيل اڍائي هزار شاگردن ۾ انعام ورهائڻ جو اعلان ڪري سڀني کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو، هن هر هڪ شاگرد کي ٻه ٻه لفافا ڏنا جن م برابر رقم هئي جنهن جو مقصد هو ته هڪ لفافو شاگرد پاڻ وٽ رکن ۽ ٻيو ڪنهن ٻئي کي مدد طور ڏين اهڙي ريت هن چند منٽن ۾25  لک ڊالر ورهائي ڇڏيا، رابرٽ هيل جي اهڙي قدم کي تمام گهڻو ساراهيو ويو، عوام جو چوڻ هو ته ناليواري صنعتڪارجي ان قدم سان شاگردن ۾ وڌيڪ اتساهه پيدا ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔