ڇا اوهان ريٿڪ روشن سان گڏ تصوير ۾ موجود ٻارن کي سڃاڻي سگھو ٿا؟

ممبئي: ريٿڪ روشن بالي ووڊ فلم انڊسٽري جو سپر اسٽار ۽ عالمي شهرت رکندڙ اداڪار آهي اهو ئي سبب آهي جو ڪيترائي ماڻهو سندس جهڙو اداڪار ۽ ڊانسر بڻجڻ جو خواب ڏسندي ڏسندي شوبز ۾ اچي پهتا آهن.
پر ڇا اوهان ريٿڪ روشن سان گڏ پراڻي ان تصوير ۾ موجود ٻارن کي سڃاڻي سگھو ٿا جيڪي اڄ بالي ووڊ جا وڏا اداڪار بڻجي پنهنجا خواب پورا ڪري چڪا آهن؟
اها تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ بالي ووڊ جي مائيڪل جيڪسن ريٿڪ روشن روشن سان گڏ ٻه ڇوڪرا بيٺل آهن.
جيڪڏهن اوهان انهن کي سڃاڻڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهيو ته اسان اوهان کي ٻڌايون ٿا ته اهي ڪير آهن.
بالي ووڊ اسٽار ۽ مشهور اداڪارا ڪترينا ڪيف جي مڙس وڪي ڪوشل سوشل ميڊيا تي پنهنجي ۽ ريٿڪ روشن جي آئفا ايوارڊز ڊانس پرفارمنس جي وائرلوڊيو شيئر ڪئي آهي.
وڪي وڊيو جي ڪيپشن ۾ لکيو ته اهو ننڍو لمحو سدائين مون لاءِ ڇو خاص رهندو؟ ڄاڻڻ لاءِ سڄي پاسي سوائپ ڪيو.
وڊيو جي ٻي پاسي وڪي ڪوشل پنهنجي ننڍپڻ جي يادگار تصوير پوسٽ ڪئي آهي. تصوير ۾ ريٿڪ روشن سان گڏ موجود اهي ڇوڪرا وڪي ڪوشل ۽ سندس ننڍو ڀاءُ سني ڪوشل آهن.
وڪي ڪوشل سان محبت جو اظهار ڪندي ريٿڪ روشن به سندس پوسٽ تي ردعمل ڏنو جنهن ۾ هن لکيو ته ”هاڻ تون مون کي هڪ لمحو ڏئي ڇڏيو آهي جيڪو آئون سدائين ياد رکندس“.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔