برطانوي نيشنل ڪرائم ايجنسي 190 ملين پائونڊ جي ڪيس ۾ ٽن اڳوڻن وزيرن نيب آڏو پنهنجا بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيا آهن
ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي، فروغ نسيم۽ پي ٽي آءِ جي اڳوڻي اڳواڻ علي زيدي ٻڌايو ته هن رقم بابت معاملو ڪابينا جي ايجنڊا جو حصو نه هو
ٽنهي وزيرن ٻڌايو ته ڪابينا جي اجلاس ۾ اسان کي نه ڪا بريفنگ ڏني وئي نه دستاويز ڏيکاريا ويا، بس چيو ويو ته منظوري ڏئي ڇڏيو، نيب ٽنهي اڳوڻن وزيرن کان ڏيڍ ڪلاڪ تائين پڇا ڳاڇا ڪئي