پاڪستان جو به آءِ سي سي فنانشل ماڊل تي خدشن جو اظهار

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ به انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي نئين فنانشل ماڊل جي خدشه ظاهر ڪري ڇڏيا.
لاهور نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ آءِ سي سي ۽ پي سي بي جي اعليٰ اختيارين جو اجلاس جاري آهي

ذريعن موجب، پي سي بي ۽ آءِ سي سي اختياريون عالمي ڪپ 2023 جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪنديون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان آءِ سي سي جي فنانشنل ماڊل تي به خدشن جو اظهار ڪيو آهي.
ذريعن موجب، آءِ سي سي عالمي ڪپ کان اڳ معاملا حل ڪرڻ ۽ پاڪستان جي ميگا اونٽ ۾ شرڪت جي خاطري جي مشن تي آهي.
ياد رهي ته ڀارت طرفان ايشيا ڪپ لاءِ ٽيم پاڪستان نه موڪلڻ بعد پي سي بي ميگا ايونٽ لاءِ هائبرڊ ماڊل جي تجويز پيش ڪئي هئي، جنهن تحت ڀارت جون ميچون نيوٽرل وينيون تي ڪرائڻ جو چيو ويو هو ۽ اهڙي ريت عالمي ڪپ ۾ پاڪستان جون ميچون به هائبرڊ ماڊل تحت ڪرائڻ جي تجويز ڏني هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔