ناڻي واري وزير اسحاق ڊار پيٽروليم شين ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو

ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ 8 رپيا في ليٽر گهٽتائي کانپوءِ نئين قيمت 262 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي

هن چيو ته 16 مئي تي ڊيزل جي قيمت ۾ 30 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي هئي ۽ هن ڀيري به 5 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 253 رپيا في ليٽر ٿي ويندي

لائٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 5 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گاسليٽ جي قيمت برقرار رهندي

پيٽروليم شين جي قيمتن جا اگهه رات 12 وڳي کانپوءِ لاڳو ٿي ويا

جڏهن ته ناڻي واري وزارت به پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔