آمريڪي جيل ۾ 13 سالن کان قيد ڊاڪٽر عافيه صديقي سان سندس ڀيڻ جي ملاقات

آمريڪا جي جيل ۾ 13 سالن کان قيد ڊاڪٽر عافيه صديقي سان پهريون ڀيرو سندس ڀيڻ فوزيه صديقي ملاقات ڪئي آهي

ٽيڪساس جي جيل ۾ قيد عافيه صديقي ۽ سندس ڀيڻ وچ ۾ اڍائي ڪلاڪن تائين ملاقات جاري رهي

جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد جو چوڻ آهي ته فوزيه صديقي کي پنهنجي ڀيڻ عافيه سان هٿ ملائڻ يا ڀاڪر پائڻ جي اجازت به نه ڏني وئي

مشتاق احمد موجب ٻنهي ڀينرن جي وچ ۾ شيشي جي هڪ ٿلهي ديوار موجود هئي، ڊاڪٽر عافيه کي پنهنجي والده جي وفات جي به خبر نه هئي،ڊاڪٽر عافيه جا پوليس جي تشدد سبب اڳيان ڏند ڀڳل هئا

سينيٽر مشتاق احمد چيو ته فوزيه صديقي جي پنهنجي ڀيڻ عافيه سان سڀاڻي هڪ وڌيڪ ملاقات  به ٿيندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔