وڳوڙن ۾ ملوث 300 مان 46 عورتن کي گرفتار ڪيو ويو:پنجاب سرڪار

پنجاب جي سڌ سماءُ واري نگران وزير عامر مير  چيو آهي ته 9 مئي جي تخريبڪاري وارن واقعن ۾ ملوث 300  مان 46  عورتن کي گرفتار ڪيو ويو  آهي

عامر مير چيو ته گرفتار  ڪيل 29 عورتون ضمانت تي آزاد ٿي چڪيون آهن ۽ جيل ۾ قيد 17 عورتن  جي سڃاڻپ پريڊ جاري آهي

نگران صوبائي وزير چيو ته قانون موجب نه ڪنهن سان زيادتي ٿيندي ۽ نه ئي ڪنهن کي رعايت ملندي، هن وڌيڪ چيو ته سڃاڻپ کان اڳ  جوابدار  جي ڪنهن به شخص سان ملاقات نه ڪرائي ويندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔