موٽروي ڪرپشن اسڪينڊل: جوابدار اسلم پيرزادو جو رمانڊ منظور

حيدرآباد جي احتساب عدالت موٽروي اسڪينڊل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار اسلم پيرزادو جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو

نيب عملدارن رمانڊ پورو ٿيڻ تي جوابدار کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ وڌيڪ جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي

عدالت نيب جي استدعا منظور ڪندي جوابدار کي 4 ڏينهن  جي جسماني رمانڊ تي ٻيهر نيب حوالي ڪري ڇڏيو

جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته گرفتار جوابدار جي نشاندهي تي ٻن ٺيڪيدارن اخلاق شاهه ۽ ذيشان سهتو کي سوگهو ڪيو

جاچ آفيسر ٻڌايو ته ٻنهي ٺيڪيدارن ڊي سي عدنان رشيد ۽ اي  سي منصور عباسي سان گڏجي 20 ڪروڙ  روپين جي ڪرپشن ڪئي

جوابدار جي وڪيل دليل ڏنا ته نيب اسلم پيرزادو کان ڪجهه به رڪور ناهي ڪيو، 2 جوابدارن کان کين ڪجهه ڄاڻ ملي آهي، ڪيس سان اسلم پيرزادو جو تعلق ناهي، کيس شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيو ويو آهي، نيب کي پابند بڻايو وڃي ته مونکان ڀلي جاچ ڪن پر منهنجي گهرڀاتين جي تذليل نه ڪئي وڃي

عدالت دليل ٻڌڻ بعد جوابدار کي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو، 5 جون تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔