190 ملين پائونڊ اسڪينڊل: عمران خان جي عبوري ضمانت ۾ 3 ڏينهن جي واڌ

اسلام آباد: 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي عبوري ضمانت ۾ 3 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.

190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ۾ عمران خان جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي جسٽس ميان گل حسن  اورنگزيب ۽ جسٽس ثمن رفعت تي ٻڌل ڊويزن بينچ ڪئي. عمران خان جو وڪيل خواجه حارث عدالت ۾ پيش ٿيو. ايڊيشنل اٽارني جنرل، لا آفيسرن ۽ نيب جي قانوني ٽيم به عدالت ۾ پيش ٿي.

عمران خان ضمانت جي درخواست داخل ڪرڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهتو. ان موقعي تي عدالت جي چوڌاري سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا. عمران خان سان گڏ سندس گهر واري بشريٰ بي بي به لاهور مان آئي هئي جيڪا ٻڌڻي دوران گاڏي ۾ موجود رهي.

ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيل خواجه حارث عدالت کي ٻڌايو ته درخواستگذار اسلام آباد جي مختلف عدالتن ۾ پيش ٿي رهيو آهي. درخواستگذار جي پيشي تي سيڪيورٽي جا مسئلا به آهن ڪروڙين روپيه سيڪيورٽي جي نالي تي خرچ ٿيندا آهن. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پڇاڻو ڪيو ته اوهان نيب آڏو جاچ ۾ شامل ٿيا؟ جنهن تي وڪيل خواجه حارث جواب ڏنو ته نيب جي آڏو اسان جاچ ۾ شامل ٿي چڪا آهيون.

عدالت عمران خان جي عبوري ضمانت ۾ 3 ڏينهن جي واڌ ڪندي 3 ڏينهن ۾ احتساب عدالت سان رابطو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عمران خان جي وڪيلن 8 جون تائين عبوري ضمانت ۾ واڌ جي استدعا ڪئي هئي. عدالت عمران خان جي ضمانت واري درخواست هدايتن سان گڏ اڪلائي ڇڏي. عدالت چيو ته احتساب عدالت سان رابطو نه ڪرڻ جي صورت ۾ سومر تي عبوري ضمانت غير موثر ٿي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔