سنڌ ۾ ٻئي ڏينهن به ڪٿي هلڪو ته ڪٿي ڳڙي سان وسڪارو

سنڌ ۾ ٻئي ڏينهن به ڪٿي هلڪو ته ڪٿي ڳڙي سان وسڪارو جاري آهي، برسات دوران وِڄ ڪرڻ سوڌو مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته چوپايو مال به مري ويو

 حيدرآباد ۾ ڳڙي سان برسات بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو، ڄامشورو ۽ ڪوٽڙي ۾ به ڳڙي سان وسڪارو ٿيو

ڪوٽڙي ۾ برسات دوران گهر جي ڀِت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ٻارڙا عاصمه، فرحان ۽ محمد يوسف دٻجي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا

چيلهار جي ڳوٺ هريار ۾ وِڄ ڪرڻ سبب 2 ڏاچيون مري ويون، ڇاڇرو جي ڳوٺ ٽنگٽيو ۾ وِڄ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 12 ٻڪريون مري ويون

 ميرپور خاص، ٺٽو، ٽنڊو باگو، ڪُنري

، ڪوٽ غلام محمد ۽ ڀرپاسي ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز هوا سان برسات پئي آهي

 طوفاني وسڪارن دوران حيسڪو جي 11 گرڊ اسٽيشنز مان ڪيترن ئي علائقن کي بجلي جي فراهمي بند آهي، جڏهن ته مواصلاتي نظام به ڊانواڊول آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔