پاڪستان آءِ ايم ايف مشن چيف جي بيان کي ملڪي معاملن ۾ مداخلت قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: ناڻي بابت مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا عالمي مالياتي اداري جي مشن چيف ناٿن پورٽر جي بيان کي پاڪستان جي داخلي معاملن ۾ مداخلت قرار ڏئي ڇڏيو.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي ناڻي بابت مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا چيو  ته پاڪستان قانون موجب هلي رهيو آهي. آءِ ايم ايف مشن چيف جو بيان اعتراض جوڳو آهي پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت آءِ ايم ايف جو مينڊيٽ نه آهي.

عائشه غوث پاشا چيو ته قرض پروگرام ۾ دير پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ٻنهي جي مفاد ۾ نه آهي. وزيراعظم ايم ڊي آءِ ايم ايف کي شرطن تي عمل ڪرڻ ۽ پروگرام مڪمل ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي. اميد آهي نئين بجيٽ کان اڳ اسٽاف ليول معاهدو ٿي ويندو.

مملڪتي وزير چيو ته 30 جون تي آءِ ايم ايف پروگرام ختم ٿي ويندو. آءِ ايم ايف سان ڊيل نه ٿي ته ناڻي واري وزارت اکيون بند ڪري نه ويهندي. پلان بي به موجود آهي اسان جي اوليت آءِ ايم ايف پرگرام آهي.

هن چيو ته نئين مالي سال جو بجيٽ 9 جون جي حساب سان تيار ڪيو پيو وڃي. نئين بجيٽ ۾ عوام کي ريليف ڏنو ويندو. ڪوشش هوندي ته عام ماڻهو تي وڌيڪ بار نه وڌو وڃي. آءِ ايم ايف پاڪستان کي ٽارگيٽڊ سبسڊي جي اجازت ڏئي ٿو.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن هڪ بيان ۾ آءِ ايم ايف جي مشن چيف ناٿن پورٽر چيو هو ته آءِ ايم ايف سياسي اڳڀرائي جو نوٽيس ورتو آهي پر ملڪي سياست تي ڳالهيون نٿيون ڪري سگهجن. اميد آهي ته آئين ۽ قانون موجب اڳيان وڌڻ جي لاءِ پرامن رستو ڳوليو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔