سپريم جوڊيشل ڪونسل جسٽس مظاهر نقوي خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي خلاف شڪايت ۾ اهم اڳڀرائي ٿي وئي آهي.

ذريعن موجب سپريم جوڊيشل ڪونسل جسٽس مظاهر نقوي خلاف شڪايت تي ڪارروائي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. چيف جسٽس پاڪستان جسٽس مظاهر نقوي خلاف شڪايت سپريم جوڊيشل ڪونسل جي هڪ ميمبر  ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس سردار طارق مسعود سپريم جوڊيشل ڪونسل جو حصو آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس محمد احمد علي شيخ، لاهور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس امير ڀٽي به سپريم جوڊيشل ڪونسل جا ميمبر آهن.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال وٽ بطور چيئرمين جوڊيشل ڪونسل جو اجلاس گهرائڻ جو اختيار آهي. چيف جسٽس اجلاس گهرائڻ کان اڳ شڪايت جي جائزي لاءِ  معاملو ڪونسل جي سينئر ميمبر ڏانهن اماڻيندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔