سنڌ جو اڳوڻو گورنر عمران اسماعيل جوڊيشل ريمانڊ تي جيل روانو

ڪراچي: ڪراچي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو.

ڪراچي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ عمران اسماعيل جي خلاف داخل ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ پوليس سنڌ جي اڳوڻي گورنر کي عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ ان جي جسماني ريمانڊ ۾ واڌ جي استدعا ڪئي.

عدالت پوليس جي استدعا رد ڪندي اڳوڻي سنڌ جي گورنر کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي عمران اسماعيل چيو ته منهنجي مٿان پارٽي ڇڏڻ لاءِ ڪوبه دٻاءُ نه آهي. آفتاب صديقي پنهنجي مرضي جو مالڪ آهي. ٻئي طرف سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم پي او تحت ڪراچي مان نظربند شهرين کي شهر کان ٻاهر نه کڻي وڃڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔