پرتشدد مظاهرن ۾ ملوث وڳوڙين خلاف ڪريڪ ڊائون، راولپنڊي مان 514 جوابدار گرفتار

راولپنڊي: 9 مئي تي ٿيندڙ پرتشدد مظاهرن ۾ ملوث وڳوڙين جي گرفتارين جو سلسلو جاري آهي. راولپنڊي ريجن جي چئن ضلعن مان 514 جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن.

آر پي او سيد خرم علي موجب راولپنڊي ريجن جي چئن ضلعن مان 514 جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن جڏهن ته ضلعي اٽڪ، جهلم راولپنڊي ۽ چڪوال مان 27 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

آر پي او ٻڌايو ته جي ايڇ ڪيو حملي جو ڪيس آر اي بازار ٿاڻي راولپنڊي ۾ داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڀڃ ڊاهه جي داخل ڪيسن ۾ نامزد ۽ نامعلوم جوابدارن جو انگ 3 هزار 293 آهي. چئن ضلعن ۾ داخل ڪيسن ۾ 464 جوابدار نامزد ڪيا ويا آهن. ڪيسن ۾ نامزد جوابدارن ۾ پي ٽي آءِ جي مقامي قيادت به شامل آهي.

آر پي او موجب ٿري ايم پي او تحت 240 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. 2 هزار 779 نامعلوم ۽ نامزد جوابدارن جي گرفتارين جو سلسلو جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔