سي ٽي ڊي جون پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ڪارروايون، پابندي مڙهيل تنظيم جا 7 دهشتگرد گرفتار

لاهور: دهشتگردي جي خاتمي واري فورس(سي ٽي ڊي) پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ڪارروايون ڪندي پابندي مڙهيل تنظيمن جي 7 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

سي ٽي ڊي ترجمان موجب گوجرانوالا سميت 5 شهرن مان 7 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. دهشتگردن کي ڊيره غازي خان، راولپنڊي، گوجرانوالا ۽ ساهيوال مان گرفتار ڪيو ويو.

سي ٽي ڊي ترجمان موجب دهشتگردن حساس ٺڪاڻن ۽ اهم شخصيتن کي نشانو بنائڻ چاهيو ٿي. جوابدارن  وٽان بارودي مواد، هٿيار ۽ خودڪش جيڪٽ ٺاهڻ جو سامان به هٿ آيو آهي.

گرفتار ڪيل دهشتگردن جي سڃاڻپ شير محمد، عبدالخالق، اڪرام الله، نجيب الله جي نالن سان ٿي آهي. ترجمان موجب گرفتار ٿيندڙ دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي سان آهي. جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ ڪئي پئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔