اڳوڻي آمريڪي صدر باراڪ اوباما سميت 500 آمريڪين جي روس ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي لاڳو

ماسڪو: روس آمريڪا جي اڳوڻي صدر باراڪ اوباما سميت 500 ۾آريڪين جي ملڪ ۾ داخلا تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.

آمريڪي ميڊيا موجب روسي پابندين جي فهرست ۾ اڳوڻو آمريڪي صدر باراڪ اوباما، آمريڪي ميڊيا جا صحافي، ڪيترائي آمريڪي سينيٽرز، اڳوڻا آمريڪا سفير ۽ امڪاني چيئرمين جوائنٽ چيفس به شامل آهن.

روس جي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته جوبائيڊن انتظاميه لاڳيتو روس تي پابندي لڳائي رهي آهي. اڳوڻي آمريڪي صدر باراڪ اوباما سميت 500 آمريڪين جي ملڪ ۾ داخلا تي پابندي روس خلاف قدمن جو رد عمل آهي. آمريڪا کي اها ڳالهه اڳ ئي سمجهڻ گهرجي ها ته اسان جي خلاف کنيل هر قدم جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.

آمريڪا گذريل ڏينهن روس جي ڪيترين ئي ڪمپنين ۽ ماڻهن کي پابندي جي فهرست ۾ شامل ڪيو هو. آمريڪا جو چوڻ آهي ته پابنديون روس جي يوڪرين خلاف جارحيت جو رد عمل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔