ملڪي ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا ڊسمبر 2022 کانپوءِ ٻيهر 10 ارب ڊالر ٿي ويا

ڪراچي: ملڪي ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا 2022 کانپوءِ ٻيهر 10 ارب ڊالر ٿي ويا.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب 20 اپريل تي ختم ٿيندڙ ڪاروباري هفتي ۾ ملڪي ناڻي مٽاسٽا جا مجموعي ذخيرا 5 ڪروڙ 94 لک ڊالر واڌ سان 10 ارب ٻه ڪروڙ 43 لک ڊالر رهيا.
اسٽيٽ بئنڪ جا ذخيرا 20 اپريل تي ختم ٿيندڙ هفتي ۾ 3 ڪروڙ 3 لک ڊالر وڌي 4 ارب 46 لک ڊالر رهيا، جڏهن ته ڪمرشل بئنڪن جا ذخيرا ٻه ڪروڙ 91 لک ڊالر وڌي 5 ارب 56 ڪروڙ ڊالر رهيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔