فضل الرحمان جو پي ٽي آءِ سان ڳالهين کان صاف انڪار

اسلام آباد: پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان پي ٽي آءِ سان ڳالهين کان انڪار ڪندي چيو آهي ته اسان جي جماعت سينيٽ ۾ به تحريڪ انصاف سان ٿيندڙ ڳالهين جو حصو نه بڻجندي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته چونڊن لاءِ مشاورتي عمل سياسي جماعتن جو نه پر اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، سپريم ڪورٽ سياسي جماعتن کي ڳالهين لاءِ مجبور ڪيو، سڀني سياسي جماعتن طرفان هڪ شخص کي راضي ڪرڻ تي اعتراض آهي.
هن چيو عدالت ڳالهين جو به چئي رهي آهي ۽ چئي رهي آهي ته اسان جو فيصلو پنهنجي جاءِ تي موجود آهي، سپريم ڪورٽ اڳ ۾ هٿوڙو پري ڪري، سپريم ڪورٽ ۾ اڄ ٻڌڻي تي رويو تبديل نظر آيو، چون ٿا ڳالهين سان ڪو واسطو ناهي پر هٿوڙو به ڏيکارين ٿا ته اسان جو فيصلو اهو ئي آهي.
سندس چوڻ هو ته اسان پنهنجي موقف تي قائم آهيون، اسان پي ٽي آءِ سان ڳالهين جي حق ۾ ناهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔