واشنگٽن: آسٽريا مان شايع ٿيندڙ دنيا جي سڀ کان پراڻي اخبار جي اشاعت بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب گذريل ٽن صدين کان شايع ٿيندڙ اخبار خميس جي ايڊيشن ۾ باضابطا طور اشاعت بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
آسٽريا جي اخبار ”ووينر ٽسايٽنگ“ 1703 ۾ سرڪاري سرپرستي ۾ اشاعت شروع ڪئي هئي، ايڊيشن جي پهرئين ورق تي اشاعت جو سال 1703 ۽ پڄاڻي وارو سال 2023 ڇاپيو ويو.
ميڊيا رپورٽن موجب اخبار بند ڪرڻ جو فيصلو آسٽريا جي پارليامينٽ ۾ سرڪاري اخبارون بند ڪرڻ جو بل پيش ٿيڻ جي مناسبت سان ڪيو ويو آهي، بل ۾ سرڪاري اخبارن کي ڊجيٽل ڪري نون صحافين لاءِ تربيت گاهه ۾ تبديل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.
بل جي منظوري تائين دنيا جي سڀ کان قديمي اخبار 30 جون تائين ڪاغذي شڪل ۾ ڇپجندي رهندي.