عمران خان راڻا ثناءُالله جي بيان بابت درخواست اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪري ڇڏي

اسلام آباد:تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان گهرو وزير راڻا ثناءُالله جي بيان بابت درخواست اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪري ڇڏي.
درخواست ۾ وفاق، آءِ جي اسلام آباد ۽ ايس ايس پي آپريشن کي ڌر بنايو ويو آهي. عمران خان پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته راڻا ثناءُالله هڪ انٽرويو ۾ ڌمڪيون ڏنيون آهن. ڌرين کي مون کي گرفتار ڪري پنهنجي منصوبي تي عمل ڪرڻ کان روڪيو وڃي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن نجي ٽي وي کي انٽرويو ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله کليل وارننگ ڏيندي چيو هو ته هاڻ عمران خان يا اسان مان ڪوبه هڪ بچندو.
راڻا ثناءُالله چيو هو ته عمران خان سياست کي اتي آڻي بيهاري ڇڏيو آهي جو هاڻ ٻنهي مان هڪ وجو د ئي رهندو. ان لاءِ جڏهن اسان سمجهنداسين ته اسان جي وجود جي نفي ٿي رهي آهي ته اسان آخري حد تائين وينداسين. جنهن ۾ اهو نه سوچيو ويندو آهي ته اهو ڪم ڪريون يا نه ڪريون، اهو جمهوري آهي ۽ اهو غير جمهوري آهي، اهو اصولي ۽ اهو غير اصولي اهي سموريون شيون ختم ٿي وينديون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔